جي پنھنجن ھنيان پٺ ۾

ڊاڪٽر آڪاش انصاري (1956-2025) بلڪل پنھنجي شاعري جيان پرجوش، ولولي، ھلچل، ۽ تحرڪ ۾ رھندڙ پنھنجي ئي شاعري جو عڪس ھو، يا وري ايئن چئجي ته سندس شاعري درحقيقت سندس شخصيت ۽ سياست جي ھڪڙي اظھار جي شڪل ھئي، پر ھو اسان سڀني اندر ۾ ڪنھن محبوب جيان اوطاق ڪيو ويٺو ھو، سا خبر سندس پڄاڻان پئي آھي. سندس قتل کيس ڄڻ ھڪ دفعو وري جنميو ھجي. ھو سڄو سارو، پنھنجين سمورين تحريرن توڙي تقريرن سميت اسان جي اندر ۾ اوتجي ويو آھي.

تم يه ڪيسي جدا ھوگئي

ھر طرف ھر جگه ھوگئي

سندس ياد ۾ پھريون تعزيتي ريفرنس آمريڪا جي شھر ھيوسٽن ۾ سانا جي لوڪل چيپٽر طرفان ڪيو ويو آھي. پوسٽ مارٽم بعد ظاھر ڪيل سمورا زخم ھر سنڌ واسي ڪنھن پاڻ کي پھتل گھاءَ جيان محسوس ڪري رھيو آھي. آڪاش لاءِ صرف تعزيتي تڏو ناھي وڇايل، پر سندس شاعري جيڪا ھن جي ادراڪ ۽ تجزئي جو اظھار ھئي، سا ٻيھر گھنگھور گھٽائن جيان اسان سڀني مٿان وسندي ٿي رھي. ٿڪل، ستل ۽ رٺل، جذبا توڙي فرد ڄڻ آڪاش ٻيھڙ جوڙي ويو آھي.

قومن جو تصور ۽ تحريڪون نامڪمل ھجن ٿيون، جي وٽن شاعر ۽ سندن شعر نه ھجن. آڪاش پنھنجي حصي کان وڌيڪ ڪم ڪري ويو آھي. سنڌين جي قومي شعور جي آبياري ۾ سندس شعر، شخصيت ۽ فڪر اڻمِٽ اثر ڇڏيا آھن. مان آڪاش جي شاعري مٿان ڪا ادبي تنقيد ته نه ٿو پيش ڪري سگھان، ڇوته سندس شاعري بابت رسول بخش پليجو، ف. م. لاشاري، سردار شاھ ۽ جامي چانڊيو سميت ڪيترن ئي نقادن تمام سٺو لکيو آھي، جيڪو سندس ڪتاب “ڪيئن رھان جلاوطن” ۾ ڇپيل آھي،  پر ھڪ پڙھندڙ جي حيثيت سان اھو چوڻ مناسب ٿيندو ته سندس شعر ۾ سمايل فڪر مون سميت 1990ع جي ڏھاڪي دوران سياست ۾ عملي طرح حصو وٺندڙ مٿان تمام گھڻو اثر رکندڙ ھو، ان حد تائين جو شاھ لطيف بعد ڪنھن شاعر جي شاعري اسان کي ياد، حفظ ھوندي ھئي ته اھو آڪاش ھو.

ڳوٺ ڇٽل راڄپر کان جارج ميسن يونيورسٽيءَ تائين جو سفر

ڊسمبر 18 تي آمريڪا جي رياست ورجينيا جي يونيورسٽي جارج ميسن ۾ گريجوئيشن تقريب ۾ ويٺل ھئس ته ڪافي خيال ذھن ۾ پئي آيا. 4 ھزار مرد توڙي عورتن ھن سال پنھجيون ڊگريون مڪمل ڪيون آھن، جن مان 100 ته صرف پي ايڇ ڊي آھن. پاس آئوٽ ٿيندڙ شاگردن ۾ نوشھري فيروز جي ويجھو ھڪ ڳوٺ ڇٽل راڄپر جو شاگرد به شامل ھو، اھو شاگرد مان ھئس، پبلڪ پاليسيءَ ۾ ايم اي مڪمل ڪيم. مان آمريڪا ۾ فل ٽائيم نوڪري ڪندو آھيان، سانا ۽ سنڌ جي معاملن تي سرگرمين ۾ پنھنجي حال سارو حصو وٺندو آھيان، گھر ۽ ٻار سنڀاليندو آھيان، پر تنھن ھوندي به ھمٿ ڪري ايم اي ڪيم. ايگل بينڪ جي ان ڪشادي آڊيٽوريم ۾ ھزارين خاندان موجود ھئا جو سندن پيارا ڊگري مڪمل ڪرڻ جي تقريب ۾ شريڪ ھئا. منھجي کاٻي پاسي منھنجو خاندان به ويٺل ھو، ٻئي ٻار ۽ گھر واري شامل ھئا، امان، بابا، ڀينرون ۽ ڀائر موجود نه ھئا.

عمر جي وچئين حصي ۾ حاصل ڪيل اھا ٻي ايم اي جي ڊگري مون پنھجي والدين جي نالي ان ڪري ڪئي جو ھُو ڪڏھن به اسڪول نه ويا، ڇو ته اسڪول ڳوٺ ۾ موجود نه ھو، توڻي جو نوشھري فيروز شھر وارو اسڪول ڳوٺ کان ڪو گھڻو پري نه ھو، پر تنھن زماني ۾ تعليم جو گھڻو رجحان نه ھو، منھجي ناني پنھنجا پُٽَ ته پڙھايا پر نياڻين جي تعليم جو رواج نه ھجڻ ڪري کين شھر جي اسڪول ۾ نه موڪليو. ڊگري ورھائڻ جي تقريب ۾ سڀ کان اول انھن پنجن شاگردن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ اُٿي بيھڻ لاءِ چيو ويو، جن جي خاندان ۾ اھي شاگرد پھريان فرد آھن، جيڪي يونيورسٽيءَ مان ڊگري حاصل ڪري رھيا ھئا، مان به انھن شاگردن ۾ شامل ھئس.

سنڌين جي قومي ڪٺ جو سوال

مان سنڌ جو ڪيڏارو نه ٿو لکڻ چاھيان، منھنجي ديس ۾ غربت، پيداواري ذريعن جي پسماندگي، سياست جون واڳون ھڪ صديءَ کان انھن ئي خاندانن وٽ گروي ٿيل، ٻاھرين بلادستيءَ جو بول بولا صرف نالن ۽ شڪلين جي صورت ۾ مٽيو آھي، اسان جي طاقت ۽ حق حڪمرانيءَ جو حال ساڳيو آهي، صرف عددن ۾ تبديلي آئي آھي.

مان سنڌ جي شامِ غريبان پڙھڻ نه ٿو چاھيان، نه ئي شيخ اياز جو اھو شعر پڙھي اوھان کي مايوس ٿو ڪرڻ چاھيان ته:

پنھنجا ڦٽ پراڻا ھئا

يا ھي ويڄ اياڻا ھئا

                 شايد 1990ع جي ڏھاڪي کان سائين علي قاضيءَ ان بحث جي شروعات ڪئي ھئي ته، “نيٺ ڇا ڪجي”، توڻي جو اھو بحث ھر زندھ سماج ۾ جاري رھندو اچي ٿو، فقط ڪو جمود جو شڪار ٿيل سماج ئي اھي سوال ڪرڻ ڇڏي ڏئي. سنڌ جي اندر جيڪا بيچيني رھندي اچي ٿي، جنھن جو اظھار مختلف سياسي توڙي سماجي شڪلين ۾ ٿيندو رھي ٿو، جيڪا ان ڳالھ جي نشاندھي ٿي ڪري ته سنڌ ۾ گهڻو ڪجھ ڪافي ٺيڪ نه آھي.

پاڪستان جي اندر غير جمھوري حڪومتن، اڻ چونڊيل ادارن جي قائم ڪيل دھشت، دٻاءَ، ڦر ۽ رھزني جا نوان اھڃاڻ پيدا ڪيا ويا آھن، ڪنٽرولڊ جمھوريت سان گڏ ھڪ پيونٽو رياست انصاف لاءِ اٿندڙ آوازن کي دٻائڻ کان وڌيڪ انھن کي اغوا ڪري گمنام زمينن اندر دفن ڪري رھي آھي. ھا پر اھا ڊرل صرف اسان جي خطي ۾ نه ٿي رھي آھي، اھڙا منظر اسان جي اکين اڳيان توڙي نظرن کان اوجھل به ٿيندا رھن ٿا.  ٻاھريون تسلط، ڪنٽرول صرف سنڌ جي تجربي ۽ حصي ۾ نه آيو آھي، اڄ جپان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي ملڪن ٻاھرين طاقتن جي بندوق بردارن جي پھري ھيٺ، مٿن مڙھيل جنگي معاھدن ھيٺ ضابظا موجود آھن، پر ان سياسي انڪيوبيٽر ۾ رھندي به ھنن قومن پنھنجن رستن جو تعين ڪيو آھي. ھيروشيما ۽ ناگاساڪي بڻيل ديس مان سيمسنگ، ٽيوٽا، ياماھا سميت جديد ٽيڪنالاجي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي ماڻھن جون زندگيون آسان بڻائي ڇڏِيون آھن، انساني تھذيب جي واڌاري ۾ انھن ملڪن حيرت انگيز حصو پتي ڳنڍيو آھي.ا

“گرين پاڪستان” جي منصوبي پٺيان ڪير آھي؟

سانا جي موجوده چونڊيل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو سالن جو مدو سال 2024ع ڊسمبر جي آخر ۾ پورو ٿي رھيو آھي، ان پڄاڻيءَ تي اسان پنھنجو فرض سمجھون ٿا ته سانا جي ميمبرن توڙي سانا ۽ سنڌ جي خيرخواھ دوستن آڏو پنھنجي ڪم ۽ ڪارڪردگيءَ جو احوال، رپورٽ ڪارڊ، لکت ۾ ونڊ ڪجي ته جيئن تاريخ جو حصو رھي. ھن رپورٽ سان گڏ اسان ھڪ ٻيو دستاويز به تيار ڪيو آھي، جيڪو سانا جي گذريل ٻن سالن دوران جاري ڪيل پريس رليزن تي ٻڌل آھي. پي ڊي ايف فارميٽ ۾ اھو به سانا جي ويب سائيٽ تي موجود رھندو. ان کان علاوه اسان جيڪي گذريل ٻن سالن ۾ سرگرميون ڪيون، نون ڪمن ۾ ھٿ وڌو، سي سڀ سانا جي فيس بڪ پيج، يو ٽيوب چينل ۽ ايڪس (اڳوڻو ٽوئٽر) اڪائونٽ تي پيل آھن. اسان جي انھن ٻن سالن جي مدي دوران سانا پنھنجا 40 سال به مڪمل ڪيا، ۽ ڪيلگري ۾ ٿيل ڪنوينشن ۾ سانا جي چاليھين سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيوسين. وقت سان گڏ تنظيمون ڪمزور ٿينديون آھن، پنھنجي ھجڻ جي افاديت ۽ مقصد وڃائي وھنديون آھن، يا وري اندروني ڀڃ ڊاھ جو شڪار ٿي نالي ماتر وڃي رھنديون آھن، سانا جي ڪھاڻي ان کان ڪافي مختلف آھي. صرف ڪجھ سال اڳ سانا ۾ ٻن ھزارن کان به گھٽ ميمبر ٿيندا ھئا، پر گذريل پنجن سالن کان سانا جا ميمبر ٻن ھزارن کان وڌيڪ ٿيندا آھن، سانا جا ڪنوينشن پڻ ڀرپور ٿيندا آھن. اسان کي جن گذريل ٻن ڪنوينشن ڪرائڻ جو تجربو آھي، سو ٻڌائي ٿو ته آمريڪا ۽ ڪينيڊا کان علاوه سنڌ سميت سڄي دنيا جي اندر سنڌي مڊل ڪلاس کي سانا جي ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ دلچسپي رھي ٿي، جيڪا اسان لاءِ خوشيءَ جي ڳالھ آھي. پر اتي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته آخر ايئن ڇو آھي؟ ان جو بنيادي سبب اھو ئي آھي ته سانا سنڌي عوام جي قومي حقن لاءِ ڏھاڪا پھرين شروع ڪيل تحريڪ جو تسلسل آھي، ٻاھر ويٺل سنڌي انهن لاھن ۽ چاڙھن جي ور چڙھيل تحريڪ جو اولڙو آھن، توڻي جو سانا ڪا سياسي تحريڪ نه آھي، پر سنڌ جي وجود، بقا، ترقي، محرومي، تعليم، ۽ قومي ايڪي جھڙن ڳنڀير سوالن کان ھرگز ڪٽيل نه آھن. سنڌ جي تاريخي ۽ گڏيل 

سانا- سنڌ سان سِڪ جو سَڳو